اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز هرنائي بلوچستان ۾ ايف سي چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي فائرنگ جي سخت مذ??ت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن جون بزدلاڻيون ڪارروايون قوم جي حوصلي کي ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته بلوچستان ۾ دهشتگردن جي بزدلاڻي حملي جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا ج?? پنهنجي فرضن جي ادائيگي دورا?? پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا.