اسلام آباد – 18 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان گلگت ??لتستان جي وڏي وزير خالد خورشيد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پوري گلگت ??لتستان کي عالمي معيار جو سياحتي ماڳ بڻائڻ جي ميگا پراجيڪٽ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته منصوبي تحت گلگت ??لتستان جي سمورن شهري ۽ ٻهراڙي علائقن جي ماسٽر پلان تحت نئين سر جوڙجڪ ڪئي ويندي، گهرن جا نقشا ۽ انهن جي جاءِ، گهٽين جو نظام، پاڻي جي نيڪاسي ۽ صاف پاڻي جي فراهمي سان گڏوگڏ مختلف هنڌن تي سياحن جي سهولت لاءِ بنيادي ضرورتن جي فراهمي جا منصوبا شامل آهن.