اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ناله لئي منصوبي جي منظوري ڏيندي فوري ڪم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، منصوبي جو ڪاٿو 75 ارب روپيا آهي ۽ اهو منصوبو ٻن سالن ۾ مڪمل ڪيو ويندو، منصوبي ??حت ناله لئي جي ٻنهي پاسن کان ايڪسپريس وي تعمير ڪئي ويندي، منصوبي کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ??حت مڪمل ڪيو ويندو. وزيراعظم اها منظو??ي ناله لئي منصوبي جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ??ني. اجلاس ۾ گهرو وزير شيخ رشيد احمد ۽ سينئر آفيسرن شر??ت ڪئي جڏهن ته پنجاب جي وڏي وزير جي خاص مددگار ڊاڪٽر سلمان شاهه ۽ چيف سيڪريٽري پنجاب وڊيو لنڪ ذر??عي اجلاس ۾ شر??ت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم ناله لئي منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي، ان منصوبي جو ڪاٿو 75 ارب روپيا آهي اهو منصوبو ٻن سالن ۾ مڪمل ڪيو ويندو، ان منصوبي ??حت ناله لئي جي ٻنهي پاسن کان ايڪسپريس وي تعمير ڪئي ويندي. سرڪاري زمين تي ٻه مال به ٺاهيا ويندا، منصوبي کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ماڊل ??حت مڪمل ڪيو ويندو، وزيراعظم منصوبي تي فوري طور تي ڪم شروع ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.