اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان بيت المال جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر عون عباس بپي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ۽ پارٽي قيادت جو ٿورائتو آهيان جنهن مو?? تي اعتماد ڪندي 2021ع جي سينيٽ چونڊن ۾ ڏکڻ پنجاب جي سيٽ تي پارٽي ٽڪيٽ جاري ڪئي. هن چيو ته انشاءَ الله آئون سينيٽ?? چونڊجي وزيراعظم جي اميد?? تي پورو لهندي سينيٽ ۾ پاڪستاني عوام جي حقيقي نمائندگي ڪندس.