اسلام آباد – 13 اپريل (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڪابينا ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ رجسٽريشن اٿارٽي قائم ڪرڻ، لاهور سميت 5 شهرن ۾ رينجرز مقرر ڪرڻ، بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ڪابينا جي سمري ۽ قانوني مواد جي ڊيج??ٽل??ئيزيشن سان 51 ڪر??ڙ رپين جي بچت ٿيندي، ڪابينا ۾ ڦيرڦار حتمي مرحلي ۾ آهي، مخالف ڌر جي ٽنهي پارٽين سان س??ار?? تي ڳالهه ٻولهه لاءِ تيار آهيون، مطالبن تي ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي جڏهن ته ڪو گروهه پاڪستان کي ڊڪٽيٽ نه ٿو ڪري سگهي. وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيل وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي وفاقي وزير چيو ته ڪابينا جي ڪاغذي ڪارروائي جي ڊيج??ٽل??ئيزيشن مڪمل ٿي چڪي آهي جنهن سان قومي ناڻي کي 51 ڪر??ڙ رپين جي بچت ٿيندي.