اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو ??هي ته ??ارت غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي جي ذر??عي خطي جو استحڪام تباهه ڪري رهيو آهي، ڪشم??ري?? کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب انهن جو حق ملڻ تائين آواز اٿاريندو رهندس، پاڪستان ڀرپور طريقي سان ڪشم??ري?? جو ڪيس وڙهندو رهندو. پنهنجي ٽوئيٽس ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته اڄ ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي حوالي سان 5 آگسٽ 2019ع تي ڪيل ڀارت جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدم کي 2 سال مڪمل ٿي ويا آهن. انهن ٻن سالن ۾ دنيا ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير ۾ ڀارت جي قابض فوج جو غيرمعمولي ظلم ۽ ڏاڍ ڏسي ورتو آهي. دنيا ڪشم??ري?? جي سڃاڻپ کي تباهه ڪرڻ ۽ آبادي جي تناسب کي طاقت جي ذر??عي تبديل ڪرڻ جي ڀارتي ڪوششن کي پڻ ڏسي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته ??ارتي حڪومت پاران ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ آر ايس ايس جي هندتوا نظريي جو تسلسل آهي، اڄ ڀارت پنهنجي جابراڻي قدمن ۽ رياستي دهشتگردي جي ذر??عي خطي جو استحڪام تباهه ڪري رهيو ??هي جيڪو سمورن عالمي قانونن ۽ قدرن جي خلاف ورزي آهي. وزيراعظم چيو ته مون عالمي فورمن تي ڪشم??ري?? جو آواز اٿاريو ??هي ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشم??ري?? کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جو حق ملڻ تائين آواز اٿاريندو رهندس. هن چيو ته پاڪستان ڀرپور طريقي سان ڪشم??ري?? جو ڪيس وڙهندو رهندو ۽ انشاءَ الله ڪشم??ري?? جي جدوجهد ڪامياب ٿيندي.