فيصل ??با?? – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي و??ير فرخ حبيب چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي حڪومت گهٽ آمدني و??رن طبقن جا مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ سدائين کان ڪوششون ڪري رهي آهي، وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب حڪومتي پاليسين جو رخ نظرانداز ٿيل ۽ گهٽ آمدني و??رن طبقن طرف موڙي ڇڏيو آهي، جن کي تمام جلد ڪمپيوٽرائيزڊ سسٽم ذريعي بهترين سموريون ممڪن سهولتون ڏنيون و??ند??ون. سبزي منڊي سدهار جي دوري ۽ انجمن تاجران سبزي منڊي سدهار فيصل ??با?? جي عهديدارن ۽ ميمبرن کي خطاب ۾ هن چيو ته حڪومت اخوت ۽ ٻين اين جي اوز جي حصيداري سان اڳ ۾ ئي گهٽ آمدني و??رن ماڻهن کي گهرن جي تعمير لاءِ بنا وياج ۽ آسان قسطن تي قرض ڏئي رهي آهي جيڪي 15 کان 20 سالن جي اندر واپس ڪرڻا پوندا. هن چيو ته گهٽ آمدني و??را ماڻهو سڄي زندگي گهرن جو ڪرايو ڏيندا رهندا هئا پر گهر پوءِ انهن جا پنهنجا نه ٿيندا هئا جڏهن ته هاڻي حڪومت جي پاليسي جي ڪري اهي گهر جي ڪرايي جي برابر قسطن ۾ قرض واپس ڪري پنهنجي گهر جا مالڪ بڻجي سگهندا، اهڙي طرح حڪومت ننڍي ڪاروبارن جي لاءِ بنا وياج ۽ بنا گارنٽي جي 5 لک رپين تائين جا قرض ڏيڻ جو سلسلو پڻ شروع ڪيو آهي ۽ غريب ماڻهن جي ڊيٽا نادرا سسٽم سان جوڙي و??ي آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان غريبن جي ڀلائي تي خاص ڌيان ڏئي رهيو آهي ۽ هن سال جي آخر تائين پنجاب جي هر خاندان کي صحت ڪارڊ ملي و??ند?? ۽ اهي پنهنجي پسند جي ڪنهن به اسپتال ۾ پسند جي ڊاڪٽر کان ساليانو 10 لک رپين تائين طبي علاج جا حقدار هوندا. مقامي مسئلن بابت هن سبزي منڊي سدهار جي شيڊ ۽ رستن جي فوري تعمير ۽ مرمت ۽ رنگ روغن جي لاءِ 10 ڪروڙ رپين جي گرانٽ جو پڻ اعلان ڪيو. هن چيو ته ان پراجيڪٽ جا ٽينڊر ايندڙ هفتي جاري ڪيا ويندا جنهن کانپوءِ ان منصوبي تي ڪم شروع ڪيو و??ند??. هن چيو ته سبزي منڊي سدهار کي جهنگ روڊ س??ن ڳنڍيندڙ سيم نالي سان گڏ رستا به تمام جلد ٻيهر تعمير ڪيا ويندا. هن چيو ته حڪومت ”ميل آن ويل“ متعارف ڪراڻ تي پڻ غور ڪري رهي آهي ۽ ان مقصد جي لاءِ احساس پروگرام تحت هڪ ئي ماڊل جا ٺيلها ڏنا ويندا. فرخ حبيب چيو ته حڪومت سبزي منڊي سدهار کي هڪ مثالي منڊي بڻائڻ جو ارادو رکي ٿي ڇو ته هي منڊي نه رڳو هزارين ماڻهن کي ب??عز?? روزگار فراهم ڪري رهي آهي پر ڀرپاسي و??رن ضلعن کي ميون ۽ ڀاڄين جي فراهمي کي پڻ يقيني بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته هتي سيلاني لنگر پڻ متعارف ڪرايو و??ند?? ته جيئن غريب مزدورن ۽ پورهيتن کي مفت کاڌو کارائي سگهجي. هن چيو ته عمران خان جو مقصد ڪاروبار کي فروغ ڏئي غربت کي ختم ڪرڻ آهي تنهن ڪري ان سلسلي ۾ انهن ماڻهن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن جيڪي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ چاهين ٿا. هن مارڪيٽ ڪميٽي سبزي منڊي سدهار جي انتظاميا ۽ ڊپٽي ڪمشنر فيصل ??با?? کي هدايت ڪئي ته اهي انجمن تاجران جي چونڊيل نمائندن سان گڏ ويهي انهن جي حقيقي مسئلن کي اولين ترجيحي بنيادن تي حل ڪن. ان کان اڳ انجمن تاجران سبزي منڊي جي صدر ميان عامر حنيف اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي و??ير فرخ حبيب کي ڀليڪار ڪيو ۽ سبزي منڊي سدهار جي بنيادي مسئلن تي روشني وڌي. هن مزدورن ۽ پورهيتن کي درپيش مسئلن جو پڻ ذڪر ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته حڪومت انهن جي مسئلن جي جلد حل جي لاءِ سمورن ممڪن قدمن کي يقيني بڻائ??ند??. بعد ۾ مملڪتي و??ير فرخ حبيب مارڪيٽ جي مختلف حصن جو دورو پڻ ڪيو.