اسلام آباد – 07 نومبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وف??قي وزير اعظم خان سواتي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جو بنيادي مقصد انسانيت جو احساس ۽ سهولتون ڏيڻ آهي، قانونسازي جي ذريعي غريب جي قانوني مدد لاءِ جامع نظام جوڙيو آهي، پي ايم ڊي سي کان ڊاڪٽرز جو مقام متاثر ٿيو، وسل بلور لا جي ذريعي بي نامي جائيدادن جي شناخت ممڪن ٿيندي، و??من پراپرٽي بل تحت انهن کي وارثت ملندي، وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات ب??بت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته وزيراعظم نظام بدلائن جو واعدو ڪيو هو، قانون بدلائينداسين ته ماڻهن جا رويا بدلجندا، موثر قانونسازي سان حاضر دور جي گهرجن تي عمل ڪري سگهجي ٿو، اهڙن خيالن جو اظهار پارليامينٽ هائوس ٻاهران مي??يا سان ڳالهايئندي ڪيو.