اسلام آباد – 06 مارچ (اي پي پي) قومي اس??مبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اس??ينڊنگ ڪميٽي کي قومي خابرو اداري ”اي پي پي“ طرفان ٻڌايو ويو آهي ته اي پي پي ۾ ڏور رس سڌارا متعارف ڪرايا پيا وڃن، اي پي پي ويب ٽي وي جي سيٽلائيٽ لائسن?? حاصل ڪرڻ لاءِ پيمرا سان ڳالهيون هلي رهيون آهن، هڪ ارب 14 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان اي پي پي ٽي وي کي س??هه ڏيڻ، نئين سروسز متعارف ڪرائڻ، سوشل ميڊيا، گلوبل ريچ ۽ مارڪيٽنگ بابت نوان منصوبا آندا پيا وڃ?? جڏهن ته اس??ينڊنگ ڪميٽي ??وز??ني ايشيئن نيوز جي بندش، صحافي عزيز ميمڻ جي قتل ۽ سجاد ترين کي ڌمڪيون ڏيڻ جي معاملو ايندڙ اجلاس ۾ بحث هيٺ آڻڻ جو فيصلو ڪيو. اس??ينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي ميمبر چوڌري نديم عباس ربيره جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ منعقد ٿيو.