اسلام آباد – 18 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مل?? جي تعليمي نظام ۾ طبقاتي فرق کي ختم ڪرڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي، هڪجهڙو تعليمي نصاب جوڙڻ ۽ سڄي مل?? ۾ ان کي لاڳو ڪرڻ جون ڪوششون وڌي?? تيز ڪيون وڃن، مدرسن کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ ??اء?? خاص طور تي مدرسن ۾ تعليم پرائيندڙ ٻارن کي جديد علم جي تعليم سان آراسته ڪرڻ ۽ انهن کي هنرمند بڻائڻ جي حوالي سان مدرسن سان طئي ٿيل لائحه عمل تي عملدرآمد جي حوالي سان به ڪوششون تيز ڪيون وڃن، ڪورونا جي صورتحال جي پيش نظر سمورن تعليم جي صوبائي وزيرن جي مشاورت سان تعليمي ۽ تدريسي عمل جي ڏس ۾ مستقبل جي لائحه عمل جي حوالي سان گڏيل حڪمت عملي جوڙي وڃي، ان سان گڏوگڏ موجوده حالتن ۾ تعليمي ادارن جي مالي مشڪلاتن ۽ والدين جي فيسن جي حوالي سان خدشن کي ختم ڪرڻ جي حوالي سان به حڪمت عملي جوڙي وڃي، وزيراعظم عمران خان اهي هدايتون تعليمي نظام ۾ سڌارن جي سلسلي ۾ اڳڀرائي ۽ ڪورونا صورتحال جي ڏس ۾ تعليم جي حوالي سان حڪومتي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي حوالي سان م??عق?? جائزي اجلاس جي دوران ڏنيون.