اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان چيو آهي ته ملڪ ۾ آءِ ٽي جي شعبي ۾ وسيع صلاحيت موجود آهي، ملڪ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۽ آءِ ٽي جي مصنوعات جو روانگي وا??ار وڌائڻ لاءِ ان صلاحيت مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ خصو??ي ٽيڪنالاجي زون قائم ڪرڻ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ملڪ جا نوجوان نظر انداز ڪيل آءِ ٽي جي شعبي جي ترقي مان وڌ کان وڌ فائدو کڻندا، وزيراعظم غير ملڪي سيڙپڪاري کي حاصل ڪرڻ لاءِ خصو??ي ٽيڪنالاجي زونز جي قيام ?? خصوصي مراعتن کي به حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪئي.