ڪابل – 19 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪابل جي ??دا??تي محل پهچي ويو جتي افغان صدر اشرف غ??ي وزيراعظم عمران خان ۽ سندس وفد جي آجيان ڪئي ??دا??تي محل پهچڻ تي وزيراعظم کي افغان هٿياربند فوج جي دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا جنهن کانپوءِ وزيراعظم افغان صدر سان گڏ گارڊ آف آنر جو معائنو ڪيو. افغان صدر اشرف غ??ي ۽ وزيراعظم عمران خان پنهنجي وفدن جو تعارف ڪرايو. ??دا??تي محل ۾ وزيراعظم جي اعزاز ۾ باضابطه آجياڻي واري تقريب منعقد ڪئي وئي، ان کان اڳ ڪابل پهچڻ تي افغان جو پرڏيهي وزير محمد حنيف اتمر ۽ افغان صدر جو پاڪستان لاءِ خصوصي نمائندو محمد عمر دائود زئي ۽ سينئر عملدارن وزيراعظم عمران خان ۽ سندس وفد جي آجيان ڪئي.