اسلام آباد – 24 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ??ه گلگت بلتستان جي خوبصورتي قابل ديد آهي، علائقي ۾ امن قائم ٿيڻ جي ڪري گذريل سال 20 لک قومي ۽ عالمي سياحن علائقي جو رخ ڪيو. نلتر ۾ ونٽر اسپو??ٽس فيڊريشن آف پاڪستان ۽ پاڪ فضائيه جي حصيداري سان جاري ونٽر اسپو??ٽس جي مقابلن جي پڄاڻي واري تقريب کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي هن چيو ??ه گلگت ايئرپورٽ تي انٽرنيشنل اڏامون شروع ڪرڻ، علائقي ۾ رستن جي صورتحال بهتر بڻ??ئڻ?? ٽيلي مواصلات ۽ انٽرنيٽ جي نظام کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدمن جو سلسلو جاري آهي.