اسلام آباد – 02 اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصا?? جي اڳواڻ سينيٽر شبلي فراز مشهور لوڪ فنڪار شوڪت علي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ سينيٽر شبلي فراز چي?? ته پنهنجي آواز سان پاڪستانيت جاڳائيندڙ فنڪار شوڪت علي جي لاڏاڻي تي هر پاڪستاني کي دلي افسوس ٿيو آهي، هن چي?? ته پاڪستانيت جي جذبي سان گائيندڙ فنڪار شوڪت علي ولوله انگيز ملي ترانن سا?? دفاع پاڪستان جي جنگين ?? تاريخي ڪردار ادا ڪيو.