اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان چيو آهي ته عوام کي پنهنجي گ??رن جي فراهمي جو واعدو پورو ڪنداسين، تعميراتي شعبي کي ڏنل پيڪيج ۽ مراعتن جا اثر سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن، معاشي سرگرميون تيز ٿي ويون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن نئون پاڪستان هائوسنگ اسڪيم تحت فراش ٽائون ۾ اپارٽمنٽس جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي گ??رو وفاقي وزير شيخ رشيد احمد، سي ڊي اي، ايف ڊبليو او ۽ نئون پاڪستان هائوسنگ جا عملدار به موجود هئا. وزير??عظ?? چيو ته اڄ مون کي وڏي خوشي ٿي رهي آهي ته جنهن منصوبي جي اسان ايتري عرصي کان تياري ڪري رهي?? هئاسين ان تي ڪم جو آغاز ٿي ويو آهي. وزير??عظ?? چيو ت?? اسان مارگيج فنانسنگ لاءِ بئنڪن سان ڳالهيون ڪيون، انفراسٽرڪچر بڻايو ته جيئن عام ماڻهو کي گ??ر جي تعمير لاءِ سستو قرض ملي سگهي ۽ غريب ماڻهو به پنهنجي گ??ر جو مالڪ بڻجي سگهي، هاڻي هائوسنگ جون اسڪيمون ۽ بئنڪ به قرض ڏيڻ تي تيار ٿي چڪا آهن. فراش ٽائون ۾ 2 سالن جي اندر ماڻهن کي فليٽس تعمير ڪري ڏنا ويندا، ان منصوبي تي ايف ڊبليو او ۽ نئون پاڪستان هائوسنگ کي مبارڪباد ڏيان ٿو. وزير??عظ?? چيو ته بئنڪ عام ماڻهو کي گ??ر جي تعمير لاءِ قرض نه ڏيندي هئي، هاڻي به بئنڪن جي هيٺين اسٽاف طرفان ڪجهه رڪاوٽون پيدا ڪيون وينديون آهن جنهن کي ختم ڪيو پيو وڃي، سي ڊي اي کي مبارڪون ڏيان ٿو ته جنهن نئون پاڪستان هائوسنگ جي لاءِ گهڻو ڪم ڪيو آهي، اسان سي ڊي اي ۾ ون ونڊو آپريشن ۽ آٽوميشن طرف وڃي رهيا آهيون، ماڻهن کي اجازت ناما حاصل ڪرڻ لاءِ ڪافي مشڪل کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، آٽوميشن ۽ ون ونڊو آپريشن سان انهن جون مشڪلاتون گهٽ ٿينديون. وزير??عظ?? ان اميد جو اظهار ڪيو ته جهڙي طرح ايف ڊبليو او رڪارڊ مدي ۾ ڪرتار پور راهداري جي منصوبي کي مڪمل ڪيو اهڙي طرح نئون پاڪستان هائوسنگ جي ان منصوبي کي به رڪارڊ مدي ۾ مڪمل ڪيوويندو. وزير??عظ?? چيو ته نئون پاڪستان هائوسنگ تحت ان منصوبي جي ذريعي پهرين 2 هزار فليٽس ان طبقي کي فراهم ڪيا ويندا جيڪي پنهنجو گهر بڻائڻ جو سوچي به نه سگهند?? هئا ۽ اهي عام ماڻهو صرف پنهنجي گ??ر جو خواب ئي ڏسي سگهند?? هئا. ان اسڪيم جي ذريعي جيڪو پئسو گهر جي مسواڙ جي مد ۾ ڏيند?? هئا اهو ئي بئنڪن جي قرض جي صورت ۾ ڏئي پنهنجي گ??ر جا مالڪ بڻجي ويندا، اهو منصوبو عام مزدور، مڪينڪ، ويلڊر جهڙن پورهيت طبقن لاءِ آهي جنهن وٽ پنهنجو گهر ٺاهڻ لاءِ ڪڏهن پئسو ن?? هوندو هو، اسان هارين لاءِ به رهائشي منصوبو وٺي اينداسين.وزير??عظ?? چيو ته حڪومت هيٺين طبقي کي گ??ر جي فراهمي لاءِ 3 لک روپين جي سبسڊي ڏئي رهي آهي، سي ڊي اي 600 گهر ڪچي آبادي جي ماڻهن کي ڏئي رهيو آهي، ڪنهن ان باري ۾ ڪڏهن سوچيو به ن?? هو، انهن غير قانوني ڪچي آبادين ۾ سيوريج سسٽم آهي نه پيئڻ جو صاف پاڻي، اسان ڪچي آبادين کي تبديل ڪنداسين ۽ کين مالڪاڻا حق ڏينداسين.