اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) ا??لا??ات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير چوڌري ??واد حسين چيو آهي ته حديبيه پيپر ملز ڪيس اٽڪل 124 ملين رپي?? جي فراڊ جي ڪهاڻي آهي جيڪو پاناما پيپرز ڪيس جي ڪاٿي کان وڏو آهي ۽ ا?? جي شروعات 2000ع ۾ ان وقت ٿي جڏهن نيب عملدارن حديبيه پيپرز جي خلاف هڪ ريفرنس داخل ڪيو، نواز شريف جا ٻئي پٽ حسن ۽ حسين نواز، شهباز شريف ۽ سندس سياسي وارث حمزه شهباز به ان ڪيس جا مرڪزي ڪردار آهن، ان ڪيس ۾ ڪجهه نيون حقيقتون سامهون آيون آهن جنهن تي نئين جاچ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، انصاف جي گهرج آهي ته سمورا ادارا پنهنجو ڪردار ادا ڪن، پاڪستان جو مستقبل قانو?? جي حڪمراني سان واڳيل آهي. حديبيه پيپر ملز جي خلاف ڪيس جا تفصيل جاري ڪندي بيان ۾ ا??لا??ات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير چوڌري ??واد حسين چيو ته اسحاق ڊار ان فراڊ ۾ شريف خاندا?? جي معاونت جي لاءِ فارن ڪرنسي جا جعلي بي نامي اڪائونٽس کولرايا. پڪڙجڻ تي اسحاق ڊار واعده معاف گواهه بڻجي ويو ۽ هن لاڳاپي?? عملدارن کي پنهنجو تفصيلي بيان به رڪارڊ ڪرايو پر بعد ۾ اهو چئي ته کانئس اهو بيان زبردستي ورتو ويو، پنهنجي بيان ت??ن ڦري ??يو.