اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ دفاع واري وزير پرويز خٽڪ چيو آهي ته اسيمبلي اجلاس ۾ هنگامي آرائي سا?? پارليامينٽ جي توهين ٿي، سي??ستدانن کي ان تي ندامت جو منهن ڏسڻو پيو، اهڙو ماحول پيدا نه ٿيڻ گهرجي جنهن سا?? ادارا فنڪشنل نه ٿين، حڪومت ۽ مخالف ڌر معاهدي تي پهچي ويا آهن ته اجلاس سٺي طريقي سا?? هلايو ويندو، اسان جمهوريت، آئين ۽ پارليامنيٽ کي محفوظ بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون، 186 ميمبرن اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، بجيٽ آساني سا?? منظور ٿي ويندي ۽ مخالف ڌر کي پهريون به چوندا رهيا آهيون ته هو اليڪٽورل ري فارمز ۽ جڊيشل ريفارمز تي ڳالهه ڪري. اها ڳالهه ڏينهن پارليامنيٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سا?? ڳالهائيندي ڪئي. اطلاعات واري وزير چوڌري فواد حسين چيو ته اڄ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي وچ ۾ تفصيلي ڳالهه ٿي، ڳالهه ٻولهه ۾ حڪومت پاران پرويز خٽڪ، اسد عمر، علي محمد خان، عامر ڊوگر ۽ هو پاڻ، جڏهن ته م??لم ليگ (ن) پاران رانا ثناءُ الله، اي??ز صادق، رانا تنوير ۽ پيپلزپارٽي پاران راجا پرويز اشرف ۽ شازيه م??ي شامل هئا، هن ٻڌايو ته ڳالهين ۾ سڀني معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ اتفاق ٿيو ته اسيمبلي جي اندر اهڙو ماحول پيدا نه ٿيڻ گهرجي جنهن سا?? ادارا فنڪشنل نه ٿين، اسيمبلي جي اندر هنگامي آرائي سا?? پارليامينٽ جي توهين ٿي آهي ان سا?? سي??ستدانن کي ندامت ڪرڻي پئي، هن ٻڌايو ته ان ڏس ۾ هڪ ڪميٽي جوڙڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ معاملن کي ڏٺو ويندو ته ڪهڙي طرح ڪنٽرول ڪرڻو آهي، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسپيڪر جا اختيار وڌائڻ تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، هاڻي ڪميٽي فيصلو ڪندي ته اسپيڪر جي اختيارن تي ڪهڙي طرح نظرثاني ڪئي وڃي ۽ ان کي ڪهڙي طرح وڌايو وڃي. هن چيو ته م??الف ڌر کي درخواست ڪئي آهي ته هو ڊپٽي اسپيڪر جي خلاف عدم اعتماد جي قرارداد واپس وٺي ان تي به م??بت اڳڀرائي جو امڪان آهي، مخالف ڌر پنهنجي قيادت سا?? مشورو ڪري ان حوالي سا?? اڳتي وڌندي، هن چيو ته توهين ڪنهن به نه ٿيڻ گهرجي، تنهن ڪري اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته حڪومتي ۽ مخالف ڌر ميمبرن کي پنهنجي تقرير ۾ هڪٻئي جي توهين نه ڪرڻ گهرجي،