اسلام آباد – 31 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جولاءِ ۾ 410 ارب رپين جو رڪارڊ روينيو جمع ڪرڻ تي ايف بي آر جي ڪارڪردگي کي ساراهيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خا?? چيو ته هيستائين جولاءِ ۾ 410 ارب رپيا گڏ ڪيا ويا آهن، جيڪا تاريخي طور تي جولاءِ مهيني ۾ جمع ڪئي ويندڙ سڀ کان وڏي رقم ۽ ا?? مهيني جي هدف کان اٽڪل 22 ??يڪ??و وڌيڪ آهي. ه?? چيو ته انهن وصولين سان پائيدار معاشي واڌويجهه ۽ بحالي جي حوالي سان حڪومتي پاليسين جي عڪاسي ٿئي ٿي.