ڪراچي – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آ??ي ته مخالف ڌر جيڪا ا??يڪشن کٽي وڃي اها شفاف ۽ جنهن ۾ هارائي وڃي ان تي ڌانڌلي جو گوڙ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي ٿي، ڪنٽونمينٽ بورڊ جي چونڊن ۾ پي ٽي آءِ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪندي، وزيراعظم جي هدايت تي عمر شريف جي عيادت جي لاءِ آيا آهيون، عمر شريف اسٽيج جو بادشاهه آهي ۽ قوم جو اثاثو آ??ي، حڪومت عمر شريف جي علاج جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سدان گڏ آغا خان اسپتال ۾ ناليواري ڪاميڊين عمر شريف جي عيادت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته عمر شريف اسٽيج جو بادشاهه ۽ قوم جو اثاثو آ??ي، حڪومت سندس علاج جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. هن چيو ته صحت واري خاص معاون ڊا??ٽر فيصل سلطان سان عمر شريف جي علاج جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، ڊاڪٽرن جو بورڊ ج??ڪو فيصلو ڪندو، حڪومت ان ۾ تعاون ڪندي، کيس اطمينان بخش علاج جي سهولت فراهم ڪئي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته عمر شريف جي علاج بابت فيصلو ڊاڪٽرن کي ڪرڻو آ??ي، ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو آ??ي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته ڪنٽونمينٽ بورڊ جي چونڊن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪندي. هن وڌيڪ چيو ته مخالف ڌر جيڪا ا??يڪشن کٽي وڃي اها شفاف ۽ جنهن اليڪشن ۾ هارائي وڃي ان تي اهي ڌانڌلي جو گوڙ شروع ڪري ڇڏين ٿا. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جي خلاف سڀ کان پهرين مظاهرو پي ايم ايل اين ڪيو هو، شاهد خاقان عباسي جون تقريرون کڻي ڏسو، اهي هڪ ڏينهن هڪڙي ڳالهه ڪن ٿا ۽ ٻئي ڏينهن سندن موقف ڪجهه ٻيو هوندو آ??ي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جو بنيادي طور تي ڪم پنهنجي غيرسياسي حيثيت کي بحال رکڻ آهي، جيڪڏهن اهي پنهنجي حيثيت وڃائي ويهن ته انهن کي هلي وڃڻ گهرجي، 22 ڪروڙ جي آبادي آهي، اسان اليڪشن ڪرائي سگهون ٿا.