اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته شهباز شريف جي خلاف 16 ارب رو??ين جي ايف آءِ اي جي رمضا?? شگر ملز ملازمن جي ڪيس جي کليل ٻڌڻي لاءِ قومي اسيمبلي ۾ قرارداد جمع ڪرائينداسين، فرخ حبيب پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته شهباز شريف کي مخصوص نوڪر ۽ مسرو?? انور جي اڪائونٽس مان وڏي رقم جي منتقلي جو جواب ڏيڻ ??ائين اسيمبلي ۾ تقرير جو ڪو به حق نه آهي، هن چيو ته کيس ٽڪي جي نه پر اربين رو??ين جي ڪرپشن جو حساب ڏيڻو پوندو.