سبي – 19 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چ??و آهي ته حڪومت بلوچستان جي ترقي تي ڌيان ڏئي رهي آهي، سي ??يڪ ۽ ترقياتي منصوبن سان بلوچستان ۾ ترقي جي نئين دور جو آغاز ٿيو آهي، حڪومت، فوج ۽ قوم ??ڏج?? دهشتگردي جو خاتمو ڪيو آهي، پاڪستان پرامن ملڪ جي طور تي اڀري سامهون آيو آهي، ملڪ کي ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن تنهن هوندي به جعلي خبرن جي ذريعي مايوسي ??کيڙي پئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سبي ميلي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.