اسلام آباد – 06 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ ن??ريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته کنڊ ۽ اٽي جي معاملي جي انڪوائري وزيراعظم جي حڪم تي شروع ٿي، هن پاڪستا?? جي عوام کان حقيقتون نه لڪائڻ جو واعدو پورو ڪري ڇڏيو آهي، قوم جي صحت ج?? پئسن تي هٿ صاف ڪندڙ?? جي پنهنجي صحت بهترين آهي. خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ شاهد خاقان عباسي جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ۾ چيو ته هن وقت قومي اتحاد کي چڪنا چور ڪندڙ پاڪستا?? جي عوام جو دوست نه ٿو ٿي سگهي، مخالف ڌر اڳواڻ ۽ شاهد خاقان عباسي پنهنجي ڪرونا زده سوچ جو اظهار وائرس جي خلاف جنگ دوران نه ڪن ته بهتر ٿيندو.