اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارتي حڪومت غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ??شم??ر جي خاص حيثيت ختم ڪري ??ڪراري ??لائقي کي هڪ کليل جيل ۾ تب??يل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ان جي معيشت کي پڻ تباهه ڪري ڇڏيو آهي. الجزيره کي هڪ خصوصي انٽرويو ۾ وز??راعظم چيو ته هڪ سال ۾ ڀارت ??شم??ر کي مڪمل بند ۽ ان جي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته ڀارت غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ??شم??ر ۾ 8 لک فوجين سان گڏ ??شم??ري ??وام کي گهيري ??کيو آهي، ڀارتي وز??راعظم نريندر مودي پنهنجي ملڪ جي سيڪيولر تشخص کي بگاڙڻ جو ذميوار آهي. وز??راعظم عمران خان چيو ته ڀارت آر ايس ايس جي انتهاپسنداڻي نظريي جي ڏاڍ هيٺ آهي، اڄ ڀارت جي مسلمانن کي اهڙيون ئي حالتون درپيش آهن جيڪي نازي جرمني ۾ يه??دين کي درپيش هيون. هن چيو ته پاڪستان ڀارت سان تڪرار جي حل لاءِ سمورا ممڪن پرامن رستا استعمال ۾ آندا آهن. سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ ثالث جي ڪردار جي حوالي سان وز??راعظم چيو ته پاڪستان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ خطي ۾ ڇڪتاڻ کي روڪڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.