اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز جي ملڪيت روز ويلٽ هوٽل ڏانهن 105 ملين ڊالر قرضن ۽ رهت?? جي ادائگي جي منظوري ڏئي ڇڏي، نيويارڪ جي علائقي مين هٽن ۾ موجود هوٽل جي قرض جي شيڊيول موجب ادائگي ۽ ري فنانسنگ جو طريقيڪار طئي ڪرڻ جي لاءِ ناڻ?? واري وزارت کي قانون واري وزارت، ايوي ايشن ڊويزن ۽ منصوبابندي ڪميشن سان مشاورت ڪرڻ ۽ ا?? جي منظوري جي لاءِ اي سي سي جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. اجلاس ۾ سازگار مارڪيٽ جي صورتحال جي بنياد تي ايشيائي ترقياتي بئنڪ کي آف شور پاڪستان رپيا لنڪڊ بانڊز جاري ڪرڻ ۽ ڪامياب جوان يوٿ انٽر پرينيورشپ اسڪيم ۾ لاڳاپيل طريقيڪار تي پورو له??دڙ سمورن پاڪستاني شهرين کي شامل ڪرڻ جي ڏس ۾ پروگرام جي اهم شرطن تي نظرثاني جي منظوري پڻ ڏني وئي، اجلاس ۾ 2013ع کان التوا هيٺ پيل 5 ڪروڙ رپين تائين جا انڪم ٽيڪس ري فنڊ جي ادائگي لاءِ 40 ارب رپي?? جي منظوري ڏني وئي. اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس ۾ پاڪستان انٽرنيشنلايئرلائينز جي نيويارڪ جي علائقي مين هٽن ۾ ملڪيتي روز ويلٽ هوٽل پاران 105 ملين ڊالر قرض جي ح??ال?? سان سموري رهتن ۽ ذميواري?? جي ادائيگي جي منظوري ڏئي ڇڏي. اي سي سي روز ويلٽ هوٽل جي مالياتي مسئل?? جي حل لاءِ هوٽل پاران مليل قرض?? جي شيڊيول موجب ادائيگي يا ري فنانسنگ جي ڏس ۾ ناڻ?? واري وزارت کي قانون واري وزارت، ايوي ايشن ڊويزن ۽ منصوبابندي ڪميشن سانمشاورت سان طريقيڪار طئي ڪرڻ ۽ ان کي منظوري جي لاءِ اي سي سي جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ پائيدار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ پروگرام (ايس اي پي) تحت ليپس ٿيل 8.01 ارب رپي?? جي فنڊن کي فني گرانٽس ذريعي لاڳاپيل وزارتن ۽ ڊويزن?? جي لاءِ ٻيهر مختص ڪرڻ جي ڏس ۾ ڪابينا ڊويز?? جي تجويز جو جائزو ورتو ۽ ا?? جي منظوري ڏني. اجلاس ۾ زندهه جانورن ۽ انه?? جي گوشت جي مصنوعات جي عالم?? واپار کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ ۽ ان ح??ال?? سان واپار کي عالمي قاعدن ۽ طريقيڪار کي لاڳو ڪرڻ جي ڏس ۾ درآمدي پاليسي آرڊر 2016ع جو جائزو ورتو ۽ ان ۾ ترميم?? جي منظوري ڏني.