اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اس??ام آباد ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ بنا ڪنهن منصوبابندي جي آبادي جي پکيڙ جي مسئلي جي حل ۽ صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي ترجيحي بنيادن تي فراهمي جي لاءِ قدمن جي هدايت ڪندي چيو آهي ته وفاقي گادي ??اري شهر کي ماڊل سٽي بڻائڻ تي ڀرپور ڌيان ڏنو وڃي. هو هتي وفاقي گادي ??اري شهر اس??ام آباد ۾ ٽرانسپورٽ، پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ ترقياتي منصوبن جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ منصوبابندي ??ارو وزير اسد عمر، گهرو معاملن بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر، خاص مددگار سيد ذوالفقار عباس بخاري، خاص مددگار علي نواز اعواڻ، ايم اين اي راجا خرم شهزاد، سي ڊي اي چيئرمين ۽ ٻيا سينئر آفيسر ش??يڪ هُئا.