اسلام آباد – 10 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آه?? ته نواز شريف ۽ آصف زرداري ٻنهي جي بيماري جو سبب هڪ ئي آه??، قوم سان هاڻي اها د??کي??ازي نه هلندي، قوم جو مال ته واپس ڪرڻو ئي پوندو، ڪرپشن سان ملڪ جو بنياد کوکلو ڪرڻ جو جواب ته ڏيڻو پوندو، عمران خان ملڪي دولت ڦريندڙن جي اعصاب تي سوار آه??. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چيو ته عمران خان ملڪي دولت ڦريندڙن جي اعصاب تي سوار آه??، قانون جي حڪمران جو دعويدار بلاول صاحب پنهنجي انڪل نواز شريف کي چوي ته واپس عدالت ۾ پيش ٿي قانون جي حڪمراني جو عملي ثبوت ڏي. هن چيو ته بلاول ان ڪرپٽ ورثي جو نمائندو آه?? جنهن ملڪ جو بنياد کوکلو ڪيو، پيپلزپارٽي کي ڀٽو جي وفاقي پارٽي مان علائقائي پارٽي ۾ بدلائڻ جو سهرو بلاول ۽ والد جي سر آه??.