اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڊي ايٽ ملڪن کي اقتصادي، سماجي، صحت ۽ ٻين چئلينجن تي ضابطو آڻڻ لاءِ ترقي يافته ۽ اسرندڙ معيشتن طرفان عزم ۽ مالي وسيلن کي فعا?? ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڊي ايٽ سربراهه ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ڪووڊ – 19 وبائي مرض سبب 29 لک کان وڌيڪ ماڻهو فوت، اڍائي ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو بيروزگار ٿي ويا ۽ عالمي معاشي بحران جي نتيجي ۾ کربين ڊالر جو نقصان ٿيو، خاص طور ان وائرس غريب ملڪن ۽ انهن جي غريب طبقن کي س??ت نقصان جي ور چاڙهيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ امير ۽ غريب ملڪن ۽ انهن ملڪن جي اندر اڻبرابري ۾ اضافو ٿيو. وزيراعظم چيو ته اسرندڙ ملڪن جي ماڻهن کي نه رڳو موذي وائرس پر بک کان بچڻ جا چئلينج سامهون آهن، هن چيو ته اڄ دنيا ن??جو??نن جي سڀ کان وڏي تعادد تي فخر ڪري ٿي، وبائي مرض پکڙڻ کان اڳ سڄي دنيا ۾ ن??جو??نن جو پنجون حصو بيروزگار هو ۽ 21 هين صد?? جي چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ کين تعليم ۽ هنر تائين پهچ نه آهي. وزيراعظم چيو ته ڊي ايٽ ملڪن ۾ 550 ملين جي آبادي ن??جو??نن تي مشتمل آهي، اسان جي ن??جو??نن ۾نه رڳو موقعن مان فائدو کڻڻ جي صلاحيت آهي پر گڏيل چئلينجن تي ضابطو آڻي سگهن ٿا. اسان کي ن??جو??نن لاءِ نوان موقعا پيدا ڪرڻا پوندا، ان لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال، انو??يش?? جو فروغ، ن??جو??نن جي تعليم، هنر ۽ تربيت ۾ سيڙپڪاري انتهائي اڻٽر آهي. پاڪستان ۾ اسان ڪامياب جوان، هنر مند پاڪستان، يوٿ انٽر پرينيورشپ اسڪيم، اور ڊجيٽل پاڪستان جهڙن پروگرامن جي ذريعي انهن قدمن تي عمل پيرا آهيون. وزيراعظم چيو ته م??جو??ه دور ۾ تبديل?? جي رفتار تيز ٿي چڪي آهي، انفارميشن ۽ ٽيڪنالاج?? جي بريڪ ٿروزڪل جي س??ئنس فڪشن کي تيزي س??ن اڄ جي حقيقت ۾ تبدي?? ڪري رهي آهي، پنج سال اڳ ورلڊ اڪنامڪ فورم اڳڪٿي ڪئي هئي ته چوٿون صنعتي انقلاب ”اسان جي رهڻ، ڪم ڪرڻ ۽ هڪٻئي س??ن لاڳاپيل رهڻ جي انداز کي بنيادي طور تي بدلائي ڇڏيندو“ اڄ اسان ان انقلاب جي آمد کي محسوس ڪري رهيا آهيون.