اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پيغمبر اسلام ﷺ جي توهين آميز خاڪن جي ڇپائي جي رد عمل ۾ فرانس سان لاڳاپن ۽ سفير جي ملڪ بدري بابت قرارداد تي پارليا??ين?? جي سفارشن کانپوءِ ئي حڪومت ڪو حتمي فيصلو ڪندي، پاڪستان جو افغانستان جي استحڪام ۽ نئين سر تعمير ۾ اهم ڪردار هوندو. وائيس آف آمريڪا کي ڏنل خصوصي انٽرويو ۾ صدر چيو ته پرڏيهي پاليسي جي فيصلو وفاقي حڪومت جو استحقاق آهي تنهن هوندي ب?? پارليا??ين?? پنهنجون سفارشون سامهون آڻي ??گهي ٿي، هن چيو ته هڪ جمهوري ملڪ هجڻ جي حيثيت سان فرانس جي سفير کي ملڪ مان ڪڍڻ جي قرارداد پارليا??ين?? ۾ پيش ڪئي ته جئين عوام جي جذبن جي عڪاسي ٿي سگهي ۽ پارليا??ين?? ئي اهو فورم آهي جتي عوام جي خواهشن جو صحيح اظهار ٿي سگهي ٿو. تنهن هوندي به ان جي بقول وزيراعظم عمران خان اهو سمجهي ٿو ته سفير کي ڪڍڻ سان پاڪستان کي معاشي نقصان ٿيندو، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ت?? پاڪستان جي مذهبي طبقي جي پرتشدد احتجاج ڪجهه يورپي ملڪن جي اسلام جي حوالي سان قدمن جو نتيجو آهي جنهن اهڙي وقت ۾ تهذيبن کي هڪٻئي جي سامهون آڻي ??يهاريو آهي جڏهن دنيا کي امن جي ضرورت آهي، عارف علوي چيو ته مون کي ڪو به حق نٿو پهي ته اظهار راءِ جي آزادي جي آڙ ۾ اهڙي ڳالهه ڪريان جو ڪنهن کي تڪليف پهچائي. يورپ ۾ هولوڪاسٽ بابت ڳالهه ڪرڻ قانوني طور تي ڏوهه قرار ڏنو ويو آهي، هن چيو ته پيغمبر اسلام جي گستاخانه خاڪن جي ڇپائي سان ماڻهن جا جذبا مجروح ٿيا، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته 18 هين آئيني ترميم تي وزيراعظم عمران خان جا اعتراض جائز آهن ته وسيلن جي اعتبار سان وفاق جو حصو وڌڻ گهرجي. هن چيو ته وفاق ان معاملي کي گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ رکيو آهي، جنهن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهندي آهي، جهڙي طرح آئ??ن ۾ بهتري جي لاءِ آئ??ن ۾ ترميم آڻي ??گهجي ٿي اهڙي طرح ارڙهين ترميم ۾ بهتري جي لاءِ به ترميمون آڻي ??گهجن ٿيون. صدر چيو ته 18 هين ترميم مجموعي طور تي هڪ مناسب آئيني ترميم هئي جنهن ?? 58 ٽو بي جي تلوار هٽائي وئي ۽ قومي وسيلن تي صوبن کي ڪيترائي اختيار ڏنا ويا، صدر چيو ته آرٽيڪل 370 جي خاتمي کانپوءِ ڀارت سان ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن.