اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان سان نيشنل هيلٿ سروسز بابت پارلياماني سيڪريٽري ڊاڪٽر نوشين حامد ملاقات ڪئي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال ۽ بجيٽ تي ڳالهه ٻولهه ٿي، ان کانسواءِ ڊاڪٽر نوشين حامد وز??راعظم کي ڪامياب سمارٽ لاڪ ڊائون پاليسي جي ڪري ڪورونا وبا تي ضابطو آڻڻ ۽ معيشت جي بحالي تي خراج تحسين پيش ڪيو.