اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان چيو آهي ته حڪومت ملڪي معدنيات جي ذخيرن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ ٺـوس حڪمت عملي ٺاهي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن معدني ترقياتي پروگرام تي اعليٰ سطحي اج??اس جي صدارت ڪندي ڪيو. اج??اس ۾ وفاقي وزيرن حماد اظهر، اسد عمر، لاڳاپيل شعبي جي وفاقي ۽ صوبائي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اج??اس کي معدني ترقياتي پروگرام جي نقطن ۽ تجويز ڪيل قدمن کا?? آگاهه ڪيو ويو. اج??اس کي ٻڌايو ويو ته شعبي کي درپيش مسئلن جي نشاندهي سان گڏوگڏ ??انوني ۽ انتظامي ڍانچي ۽ سيڙپڪاري جي موقعن کي فروغ سان گڏوگڏ ??احولياتي تحفظ کي پڻ نظر ۾ رکي پروگرام جوڙيو پيو وڃي. اج??اس کي ملڪي معدنيات جي ذخيرن تي پڻ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اج??اس کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ پهاڙي لوڻ، چوني جو پٿر، چيني مٽيءَ، سليڪا واريءَ ۽ ڪيترين ئي ٻين صنعتي معدنيات جا ذخيرا موجود آهن، پاڪستان ۾ ڪرومائٽ، تانبي، سون، چاندي، لوهه، ليڊ ۽ زنڪ جا ڌاتي ذخيرا پڻ موجود آهن. سنگ مرمر، گرينائٽ ۽ واريءَ جي پٿر جي پڻ وسيع زخيرن جي موجودگي کا?? اج??اس کي آگاهه ڪيو ويو. اج??اس کي ٻڌايو ويو ته پکراج، زمرد، روبي، ٽورمالين (ترمري) ۽ ايڪواميرائن (نيلگون بلور) جهڙا قيمتي پٿر ۽ ڪوئلي جا ذخيرا پن وڏي مقدار ۾ موجود آهن. اج??اس کي ٻڌايو ويو ته چنيوٽ ۽ ڪالاباغ ۾ لوهه جي ذخيرن تي سيڙپڪاري جي لاءِ حڪمت عملي حتمي مرحلن ۾ آهي. اج??اس کي چئين صوبن کا??سواءِ گلگت بلتستان ۾ پڻ موجود ممڪن ذخيرن بابت آگاهه ڪيو ويو جڏهن ته شعبي جي ترقي لاءِ تحقيق جي فروغ لاءِ قدم پڻ پروگرام ۾ شامل هوندا. وزير??عظ?? پروگرام کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو ته معدنيات جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي ڀرپور صلاحيت موجود آهي، پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالامال آهي ۽ ان مان فائدو کڻڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي.