اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي افغانستان ۾ سلامتي، استحڪام ۽ اجتماعيت ج?? حامل سياسي حل جي ضرورت ت?? زور ڏيندي ??يو آهي ته افغانستان ۾ تيزي سان اڀرندڙ انسا??ي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي برادري کي هنگامي ??ني??دن تي ٺوس قدم کڻڻا پوندا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب نيوزي لينڊ جي پرڏيهي وزير ننايا مهوٽا پنهنجي پاڪستاني هم منصب شاهه محمود قريشي سان وڊيو لنڪ جي ذريعي رابطو ڪيو، ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن، علائقائي خاص طور تي افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پرڏيهي وزير افغانستان ۾ سلامتي، استحڪام ۽ اجتماعيت ج?? حامل سياسي حل جي ضرورت ت?? زور ڏنو ۽ ??يو ته افغانستان ۾ تيزي سان اڀرندڙ انسا??ي بحران کي منهن ڏيڻ ۽ افغانستان جي انساني ۽ معاشي مدد لاءِ عالمي برادري کي هنگامي ??ني??دن تي ٺوس قدم کڻڻا پوندا. هن ??يو ته موجوده حالتن ۾ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته افغانين کي اڪيلائپ جو شڪار ٿيڻ نه ڏنو وڃي، پرڏيهي وزير نيوزي لينڊ جي پرڏيهي وزير کي ڪابل مان نڪرڻ جي عمل ۾ پاڪستان پاران فراهم ڪيل مدد کان آگاهه ڪيو، هن ??يو ته پاڪستان 37 ملڪن جي 21 هزار ماڻهن سميت سفارتي عملي ۽ ميڊيا نمائندن کي ڪابل مان محفوظ طريقي سان نڪرڻ ۾ ڀرپور مدد فراهم ڪئي. نيوزي لينڊ جي پرڏيهي وزير نيوزي لينڊ سميت مختلف ملڪن جي شهرين کي ڪابل مان محفوظ طريقي سان نڪرڻ ۾ ڀرپور مدد فراهم ڪرڻ تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستان جي قيادت ج?? ٿورو ادا ڪيو. پرڏيهي وزير نيوزيلينڊ جي پرڏيهي وزير کي ڀارتي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج پاران جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کان آگاهه ڪيو ۽ ??يو ته اسان تازو ئي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج جي سنگين جنگي ڏوهن جا ٺوس ثبوتن تي ٻڌل ڊوزيئر عالمي برادري جي سامهون پيش ڪيا آهن، پرڏيهي وزير فيٽف جي حوالي سان پاڪستان پاران کنيل موثر قدمن کان نيوزي لينڊ جي پرڏيهي وزير کي آگاهه ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته نيوزيلينڊ ٽيڪنيڪي ??ني??دن تي پاڪستان جي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي وزير نيوزيلينڊ جي پرڏيهي وزير سان ڪرڪيٽ ٽيم جي واپسي جي هڪطرفي فيصلي جو معاملو ک??يو ۽ ??يو ته هن هڪطرفي فيصلي سان ٻنهي ملڪن ۾ ڪرڪيٽ جي شوقينن جي دل آزاري ٿي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ نيوزي لينڊ جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي موجوده نوعيت ت?? اطمينان جو اظهار ڪندي ان کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.