اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آه?? ته سڄي دنيا ۾ ووٽنگ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ٿي رهيو آه??، ٽيڪنالاجي جي استعمال جو مقصد چونڊ عمل کي شفاف بڻائڻ ۽ انساني عمل دخل کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ آه??، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين (اي وي ايم) جي استعمال سان ووٽ رد ٿيڻ جو ??مڪ??ن به ختم ٿي ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪ چائنه فرينڊشپ سينٽر ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال بابت عملي مظاهري جي مشاهدي جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. مملڪتي وزير چيو ته گذريل عام چونڊن دوران 15 لک ووٽ رد ٿيا جنهن جي ڪري بيلٽ پيپر جي غلط فولڊنگ يا پرزائيڊنگ آفيسرن جي صحيحن جي عدم موجودگي هئي هن چيو ته ان اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال سان ووٽ رد ٿيڻ جو ڪو به ??مڪ??ن نه رهندو، هن چيو ته اسان پاڪستان ۾ اي وي ايم متعارف ڪرائڻ چاهيون ٿا ته جيئن چونڊ عمل ۾ ڌانڌلي جي عنصر کي ختم ڪري سگهجي. هن چيو ته هن وقت 20 کان وڌيڪ ملڪن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينون استعمال ڪري رهيا آه??، هر ملڪ جو پنهنجو ڌار ڌار ماڊل آه??، چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري اسلام آباد ۽ ڪاروباري برادري جي نمائندن جي سوال جو جواب ڏيندي مملڪتي وزير چيو ته چونڊن ۾ ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ووٽرز جو اعتماد وڌندو، اسان چاهيون ٿا ته عام چونڊن ۾ اي وي ايم جي استعمال کان اڳ واپاري تنظيمن، بار ايسوسيئيشنز، پريس ڪلبز ۽ ٻي فيڊريشنز پنهنجي چونڊن ۾ ان ووٽنگ مشين کي استعمال ڪن. آزمائشي طور تي استعمال سان ماڻهن جو اعتماد بحال ٿيندو. هن چيو ته ووٽرز ايجوڪيشن ۽ ٽريننگ اليڪشن ڪميشن جي ذميدارين ۾ شامل آه?? ته جيئن پڙهيل ۽ اڻ پڙهيل ووٽرز کي بيلٽ پيپرز جي استعمال سان آگاهي ڏئي سگهجي. هن چيو ته هن وقت ملڪ ۾ 18 ڪروڙ سمون آه?? ۽ 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو فور جي ٽيڪنالاجي استعمال ڪندا آه?? جنهن سان ماڻهن ۾ ٽيڪنالاجي جي استعمال بابت پهرين کان آگاهي موجود آه??، هن چيو ته ميرو ٽيڪنالاجي جي اها اپ گريٽڊ مشين گهٽ کان گهٽ وقت ۾ ووٽ وجهڻ جي عمل کي مڪمل ڪندي آه?? جڏهن ته ان مشين سان سافٽ ۽ هارڊ ٻنهي طريقن سان نتيجا حاصل ٿي سگهن ٿا، جنهن سان چونڊ ڌانڌلي جو ڪو به جواز موجود نٿو رهي. ان کان اڳ ميرو مشين جي ٽيڪنيڪي ٽيم طرفان اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو عملي مظاهرو پيش ڪيو ويو ۽ مملڪتي وزير ۽ چيمبر آف ڪامرس جي وفد کي مشين جي استعمال جي طريقيڪار ۽ شفافيت جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. ڪمپني پاران ٻڌايو ويو ته هي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين بجلي جي تار ۽ انٽرنيٽ ڪنيڪشن جي 14 ڪلاڪ جي لائيو بيٽري تي ڪم ڪندي آه?? جڏهن ته هڪ اضافي بيٽري سان ان جي ٽائمنگ 28 ڪلاڪ ٿي ويندي آه??، برسات ۽ موسمياتي اثرن ۾ به اها مشين فعال رهندي آه??، ووٽنگ ج?? وقت مڪمل ٿيڻ تي بند ڪرڻ کانپوءِ ان کي ٻيهر نٿو کولي سگهجي، صرف 10 سيڪنڊن ۾ بيلٽ پيپرز کي اسڪن ڪرڻ کانپوءِ پرنٽ جي شڪل ۾ ووٽر جي واپس ملندو آه?? جيڪو سڀني جي سامهون بيلٽ باڪس ۾ وجهي ووٽ ڪاسٽ ٿي ويندو آه??، هن چيو ته ووٽنگ لاءِ جيڪو بيلٽ پيپر تيار ڪيو ويو آه?? ان تي سيڪيورٽي ڪوڊ درج ڪيو ويو آه?? جنهن کي ڪنهن ٻي مشين ۾ استعمال نٿو ڪري سگهجي ۽ نه ئي هڪ پولنگ اسٽيشن ۾ استعمال ٿيندڙ مشين کي ان عمل جي دوران ٻي ڪنهن پولنگ اسٽيشن تي استعمال ڪري سگهجي ٿو، ووٽنگ جي عمل ۾ ووٽر جي شناخت کي به ڳجهو رکيو ويو آه?? ۽ اليڪشن ڪميشن جي خواهش تي ان مشين کي مينوئل ۽ پاڻمرادو ٻنهي طريقن سان استعمال جو اختيار موجود آه??، فائونڊر گروپ جي جنرل سيڪريٽري ظفر بختاوري ۽ ٻين واپاري نمائندن ان ووٽنگ مشين ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته جمهوري عمل کي شفاف بڻائيندي ان ووٽنگ مشين کي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري پنهنجي ايندڙ اليڪشن ۾ استعمال ڪندي، هن اي وي ايم جي مختلف عملن بابت ڪمپنين جي نمائندن کان سوال به پڇيا.