اسلام آباد – 18 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ٽيڪ?? جي نظام ۾ بهتري ۽ آساني يقيني بڻائي رهي آهي، ٽيڪ?? جي رڪارڊ ڪليڪشن عوام جي حڪومت تي اعتماد جي عڪاسي ڪر?? ٿي. اهڙن خيالن جو اظها?? هن معاشي ماهر آرٿر بيٽز لافر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ناڻي وارو صلاحڪار شوڪت فياض ترين پڻ موجود هو. وزيراعظم آفي?? جي ميڊ??ا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ پاڪستاني ٽيڪ?? جي نظام جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان کانسواءِ پوري دنيا ۾ لاڳو ٽيڪس نظام جي مثبت ۽ منفي اثرن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ ٽيڪس بيس وڌائڻ، نظام جي بهتري ۽ جدت، عوام تي ٽيڪس جو بار گهٽ ڪرڻ سان گڏوگڏ نظام ۾ آساني آڻڻ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.