رياض-16 فيبروري (اي پي پي)سعودي عرب جي خادم حرمين الشريفين شاه سلمان بن عبدالعزيز آ?? سعود جسماني عضووڌا عطيئو ڪرڻ تي 200 مقامي شهرين کي شاه عبدالعزيز ميڊل ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.ميڊيا رپور??ن موجب سعودي عرب جي ??حت واري وزارت پاران ان ڳالهه جو خاص اهتمام ڪيو ويندو ته ضرورتمند مريضن کي رت يا جسماني عضون جن ۾ گردا، جگر ۽ ٻيا عضوا شامل آهن ٽرانسپلانٽ ڪيا وڃن.??حت واري وزارت پاران اهڙن ماڻهن جي سفارش ڪئ?? ويندي آهي جن ڪيترائي ڀيرائي رت جو عطيئو ڪيو هجي،وزارت جي ريڪاڊ سيڪشن ۾ بلڊ ڊونرز جو مڪمل ڊيٽا موجود هوندو آهي جنهن جي بنياد تي انهن کي ميڊل لاءِ نامزد ڪيو ويندو آهي.واضع رهي ته عضوا عطيئو ڪندڙن ۾ عورتون پڻ شامل آهن جن کي شاه عبدالعزيز ميڊل ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.