اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ترڪ صدر رجب ط??ب اردوان جي پارليامينٽ ۾ پاڪستان جي عوام ۽ چونڊيل نمائندن جي طرفان آجيان ڪندي گڏيل اجلاس کي ??ند?? خطاب کي تاريخي موقعو قرار ڏيندي چيو آهي ته ترڪ صدر مرد مجاهد وانگر انتهائي دليري ۽ بي باڪي سان ڪشميرين جي ترجماني ڪئي آهي جنهن تي هي ايوان اهل ڪشمير ۽ اهل پاڪستان توهان کي ۽ توهان جي ق??م کي سلام پيش ڪريون ٿا، جمعي ڏينهن پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جي موقعي تي پنهنجي آجياڻي واري خطبي ۾ چيو ته ??ند?? لاءِ اهو انتهائي اعزاز جو مقام آهي ته هو ان معزز ايوان کي هڪ اهڙي تاري?? ساز شخصيت سان متعارف ڪرائي رهيو آهي