اسلام آباد – 14 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده غيرمعمولي صورتحال ۾ لاڪ ڊائون کان وڌيڪ بک ۽ بدحالي خطرناڪ آهي، لاڪ ڊائون ڪورونا جو علاج نه عارضي قدم آهي، جيستائين معيشت بحال نه ٿي ٿئي غريب ۽ لاچار طبقي جون مشڪلاتون وڌنديون، ڪورونا جي روڪٿام ۽ حفاظتي تدب??رن جي حوالي سان قاعدن ۽ ضابطن تي عملدرآمد ڪ??ڻو پوندو، احتياطي تدب??رن بابت عوام ۾ شعور اجاگر ڪرڻ گهرجي، پوليس عوام تي سختي بدران دوستاڻو رويو اختيار ڪري، لاڪ ڊائون جي حوالي سا?? حڪومتي پاليسي بلڪل واضح آهي، عوام جي زندگين کي غيرضروري خطري ?? وجهڻ کانسواءِ هر ان شعبي ۾ سهولت ڏني ويندي جنهن سان عوام ۽ خاص طور تي غريب ۽ سفيد پوش ماڻهن جو ڪاروبار واڳيل آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪوويڊ 19 جي صورتحال جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.