اسلام آباد-05 جون(اي پي پي) وزيراعظم جي پوليٽيڪل ڪميونيڪيشنز بابت خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته پي ٽي آءِ پهريون ڀيرو هيٺين سطح تي پڻ عوامي نمائندن کي سامهون آڻڻ جو موقعو ڏنو، وزيراعظم پورٽل ۾ 22 لک شڪايتون موصول ٿي چڪيون آهن، آئنده وزيراعظم سٽيزن پورٽل جي ماهوار رپورٽ پيش ڪئ?? ويندي. هن وقت تائين بي پناهه اهميت جوڳا 28118 شڪايتن ج?? ازالو نه ٿي سگهيو آهي جن ۾ سڀ کان وڌيڪ شڪايتون سنڌ جي ادارن ج?? باري ۾ آهن، شهباز شريف ماڻهن ج?? ذاتيات کان بيان بازي کان پاسو ڪري ۽ پنهنجي ڪرپشن ج?? حساب ڏي، اسان کي اها به خبر آهي ته شهباز شريف پنهنجي مفرور ڀاءُ نواز شريف جو ضامن آهي. پ پ جي اڪثر سرڪرده اڳواڻ ڪرپشن ج?? الزامن ۾ ورتل آهن. اهڙن خيالن ج?? اظهار پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي ميمبر صداقت عباسي ۽ ڪنول شوزب ساڻس گڏ هئا.