اسلام آباد – 07 جولاءِ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (ا??ن سي او سي) کي ??ڌا??و ويو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي هدايتن جي روشني ۾ سڄي ملڪ جي اسپتالن ۾ 1227 آڪسيجن بيڊز فراهم ڪيا ويا آهن. منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (ا??ن سي او سي) جو اعليٰ سطحي ??جلاس ٿيو. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽرين پاران سمارٽ لاڪ ڊائون جي حوالي سان تازي صورتحال، ذاتي تحفظ جي اوزارن (پي پي ايز) ۽ ماسڪ جي فراهمي، ڪورونا وبا جي ڦهلاءُ جي صورتحال ۽ اسپتالن ۾ ”ريمپ اپ پلان“ جو جائزو ورتو ويو. ا??ن سي او سي کي ڏني ويندڙ بريفنگ ۾ ??ڌا??و ويو ته ڪورونا وائرس جي مريضن جي بهتر علاج جي لاءِ وزيراعظم عمران خان جي هدايتن تي هيستائ??ن سڄي ملڪ جي مختلف اسپتالن ۾ وڌيڪ 1227 بستر شامل ??يا ويا آهن.