اسلام آباد – 11 جولاءِ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس بابت تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 65 ماڻهو فوت ٿيا، هڪ ڏينهن ۾ 23 هزار 569 ٽيسٽ ڪيا ويا، هڪ لک 53 هزار 134 ماڻهو ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي مڪمل صحتياب ٿي چڪا آهن. اين سي او سي موجب بلوچستان، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪو مريض وينٽي ليٽر تي نه آهي. سڄي ملڪ ۾ 394 ڪورونا مريض وينٽي ليٽرز تي ??هن جڏهن ته ڪورونا مريضن جي لاءِ 1568 وينٽي ليٽرز رکيا ويا آهن. هن وقت سڄي ملڪ ۾ 2 لک 46 هزار 351 تصديق ٿيل ڪيسز ??هن جن ۾ آزاد ڪشمير جا 1532، بلوچستان جا 11 هزار 128، گلگت بلتستان جا 1630، اس??ام آباد جا 13 هزار 927، خيبرپختونخواهه جا 29 هزار 775، پنجاب جا 85 هزار 991 ۽ سنڌ جا هڪ لک 23 هزار 68 ڪيسز ??امل آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا کان هيستائين 5 هزار 123 فوتگيون ٿي چڪيون آهن. هيستائين 15 لک 38 هزار 427 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. ملڪ جي 733 اس??تالن ۾ 4254 مريض علاج هيٺ آهن.