اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جاپان جي نئين چونڊيل وزيراعظم يوشي هيڊي سوگا کي سندس چونڊ تي مبارڪباد ڏني آهي، ٽوئيٽر تي پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هو پ??ڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ دوستاڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مس??حڪم بڻائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهن.