اسلام آباد – 20 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان حزب اسلامي افغانستان جي اڳواڻ گلبدين حڪمت يار اسلام آباد ۾ ملاقات ڪ??ي. ??لاقات ۾ افغان امن عمل ۽ پاڪ افغان ٻطرفن لاڳاپن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي. ??زيراعظم عمران خان گلبدين حڪمت يار جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ٻطرفا تاريخي دوستاڻا ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن. وزيراعظم پاڪستان جي لاءِ افغانستان جي عوام سان ڀائراڻن لاڳاپن جي اه??يت کي اجاگر ڪيو ۽ افغانستان سان ويجهي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي حوالي سان پاڪستان جي عزم کي ورجايو.