اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز مخالف ڌر پا??ان ڪوويڊ – 19 بابت پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس جي بائيڪاٽ کي غيرذميواراڻي سياست قرار ڏيندي چيو آهي ته ان عمل مان ثابت ٿي ويو ته مخالف ڌر پارٽيون پارليامينٽ تي به اعتماد نه ٿيون ڪن، مخالف ڌر کي ان غيرذميواري تي سڄي قوم کي جواب ڏيڻو پوندو، ح??وم?? پنهنجي پاليسي ۽ موقف تي مضبوطي سان بيٺل آ??ي، مخالف ڌر سان يا مخالف ڌر کانسواءِ عوام جي ڀلائي، روزگار جي حفاظت يقيني بڻائينداسين، بدقسمتي سان جمهوريت جا دعويدار هر معاملي کي سياست جو رنگ ڏين ٿا، عدالت جي فيصلي، ح??وم??ي ايس او پيز جي خلاف ورزي تي پي ڊي ايم پشاور جلسي جي منتظمين ۽ شرڪت ڪندڙ قائدين جي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو. ڄاڻي واڻي عوام جي جان کي خطري ۾ وجهندڙ قومي ڏوهاري آهن، ملڪ ۾ ڪورونا جي ٻي لهر شديد ترين لهر اچي چڪي آ??ي، ان جو مقابلو ڪرڻ لاءِ احتياط ئي واحد رستو آ??ي، وزيراعظم عم??ان خان جي ويزن موجب ح??وم?? عوام جي جان، روزگار، معاشي سرگرمين جو تحفظ هر صورت ۾ يقيني بڻائيندي، ان جي لاءِ سخت پابنديون پڻ لڳايون وينديون. هو ڪوويڊ – 19 بابت پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس جي حوالي سان بريفنگ ڏئي رهيو هو.