اسلام آباد – 23 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ موجوده حڪومت عورتن جي برابر حقن کي ??قيني بڻائڻ جي ايجنڊا تي گامزن آهي، اسلامي تاريخ، آزادي جي تحريڪ ۾ عورتن جو مثالي ڪردار رهيو، جرنلسٽ پروٽيڪشن بل ۾ عورت صحافين جي حقن کي ??قيني بڻايو پيو وڃي، عورتن جي حقن جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جي لاءِ مذهبي، ثقافتي قدرن ۾ رهندي ذهن سازي ڪرڻ وقت جي اهم ترين ضرورت آهي، سائبر ڪرائم، هراسان ڪرڻ ۽ ٻين وڌندڙ منظم ڏوهن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ قا??ونسازي سميت ٻيا قدم کن??ا پيا وڃن، ان ڳالهه کي ??قيني بڻائڻو آهي ته عورتن کي ??عاشرتي تحفظ حاصل هجي. هو ايوان صدر ۾ عورتن جي حقن بابت تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.