اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اڄ ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بي بي جي روح کي ت??لي?? پهچي رهي هوندي، انهن جي فلسفي ۽ نظرين جا بدتري?? مخالف اڄ انهن جي گهر ويٺل آهن، انهن جي ايجنڊا پنهنجي ذات کان شروع ٿي پنهنجي ذات تي ختم ٿئي ٿي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته انهن وٽ عوام جي لاءِ ڪجهه نه آهي. هن چيو ته مريم نواز جو لاڙڪاڻي وڃڻ ”مٿان کان ويڙهه اندر کان ڀيڻ ڀاءُ“ ج?? تاريخي حقيقت ج?? واضح ثبوت آهي.