اسلام آباد – 31 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان تعميراتي شعبي جي لاءِ وڌيڪ مراعتن جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ??لڪ ۾ اربين روپين جا تعيمراتي منصوبا شروع ٿي چڪا آهن، ان سان ??لڪ ۾ روزگار جا م??قعا م??سر ايندا ۽ عام ماڻهو پنهنجي گهر جو مالڪ بڻجي سگهندو، پاڪستان تعميرات جي شعبي کي ان وقت کنيو جڏهن سڄي دنيا ۾ لاڪ ڊائون جي ڪري اقتصادي صورتحال ابتڙ هئي، وڏن شهرن جي لاءِ نوان ماسٽر پلان ٺاهيا پيا وڃن، ان سان شهري سهولتن جي فراهمي ۾ بهتري ايندي، تعميراتي شعبي جي لاءِ فڪس ٽيڪس رجيم ۾ هڪ سال جي توسيع ڪئي وئي آهي. هتي ??لڪ ۾ تعميراتي شعبي جي لاءِ وڌيڪ مراعتن جو اعلان ڪندي وزيراعظم چيو ته پنجاب ۾ 163 ارب ر??پين جا تعميراتي شعبا شروع ٿي چڪا آهن، تعميراتي شعبي جي فروغ سان پنجاب ۾ 15 سئو ارب ر??پين جون اقتصادي سرگرميون شروع ٿينديون، انهن منصوبن سان روزگار جا اڍائي لک موقعا پيدا ٿيندا. پنجاب ، خيبرپختونخوا، بلوچستان ۽ سنڌ سميت سڄي ??لڪ ۾ تعميراتي شعبو حڪومتي مراعتن مان فائد?? وٺي رهيو آهي، گهٽ آمدني وارن طبقن کي انهن منصوبن سان رهائشي سهولتون ميسر اينديون، تعميراتي شعبي جي فروغ ۽ گهرن جي لاءِ فنانسنگ جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي بئنڪون گهرن جي تعمير ۽ تعميراتي منصوبن لاءِ فنانسنگ ڪري رهيون آهن.