اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان خودمختياري کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان پاران والاريل ڄمو?? ۽ ??شمير جي عوام جي ڀرپور ۽ مڪمل حماي?? جو ورجاءُ ڪندي عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي چيو آهي ته هو والاريل ڄمو?? ۽ ??شمير ۾ راءِ شماري ڪ??ائ?? جي حوالي سان پنهنجا واعدا پورا ڪري. خودمختياري واري حق جي ڏهاڙي جي موقعي تي وزيراعظم پنهنجي پيغام چيو ته ڄمو?? ۽ ??شمير تڪرار جو سڌو سنئون ڌر هجڻ جي ناطي پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ آزاداڻي ۽ غير جانبداراڻي راءِ شماري ڪ??ائ?? لاءِ زور ڏيندو رهندو، ڄمو?? ۽ ??شمير جي عوام جي بنيادي انساني حقن کي برقرار رکڻ جي گڏيل قومن جي واعدي کي 72 سال پورا ٿيڻ جو ذڪر ڪندي هن چيو ته 5 جنوري 1949ع جي ڏينهن گڏيل قومن جي هندستان ۽ پاڪستان بابت ڪميشن (يو اين سي آءِ پي) واعدو ڪيو هو ته گڏيل قومن تحت آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي راءِ شماري جي ذريعي ڪشميرين کي خودمختياري وارو حق ڏنو ويندو.