اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 39 فوتگيون ٿيون جنهن مان 17 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود ??ري??ن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾3 هزار 262 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي ??ري??ن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 15 سيڪڙو، پشاور ۾ 18 سيڪڙو، لاهور 20 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 34 سيڪڙو ??ري?? آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان راولپنڊي ۾ 24، ڪراچي ۾ 48 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 25 سيڪڙو ۽ گلگت ۾ 44 سيڪڙو ??ري?? آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 49 هزار 412 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 16 هزار 975، پنجاب ۾ 18 هزار 432، خيبرپختونخواهه ۾ 7 هزار 802، اسلام آباد ۾ 2 هزار 390، بلوچستان ۾ 2 هزار 393، گلگت بلتستان ۾ 727، آزاد ڪشمير ۾ 693 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 9 لک 28 هزار 722 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به ??ري?? هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 276 ??ري?? آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 59 هزار 899 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 10 لک 11 هزار 708 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 23 هزار 203، بلوچستان ۾ 29 هزار 618، گلگت بلتستان ۾ 7 هزار 798، اسلام آباد ۾ 85 هز??ر 947، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 42 هزار 139، پنجاب ۾ 3 لک 53 هزار 695 ۽ سنڌ ۾ 3 لک 69 هزار 245 ??ري?? آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 23 هزار 87 آهي.