اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اڄ کان ٽي سال اڳ ڪاري دور جو خاتم?? ٿيو ۽ سوجهري جي اميد پيدا ٿي، انهي اميد جي ڪرن جو نالو تحريڪ انصاف آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عاشورا جي احترام ۾ اسان تحريڪ انصاف جي ٽي سالا ڪارڪردگي پيش ڪرڻ جو جامع پلان هڪ هفتي لا??ِ ملتوي ڪيو آهي. انشاءُ الله ايندڙ هفتي تفص??ل سان ٻڌائينداسين ته تبديلي ڇا آهي.