اسل??م آباد -18 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وز??ر شيخ رشيد احمد چيو آهي ته وز??راعظم عمران خان افغان حڪومت ۽ طالبان کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آ??ي. ??نيا ۾ امن لاءِ پاڪستان جي خدمتن کي تاريخ جي سونهري اکرن ۾ لکيو ويندو. عمران خان ازبڪستان ۾ اشرف غني کي سمجهائڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي پر هو غلط فهمي جو شڪار رهيو. اسان ته ڪنهن جي زمين تي پاڪستان ۾ مداخلت ٿيڻ نه ڏينداسين ۽ اسين پنهنجي زمين جي لاءِ ڪنهن ٻئي ملڪ جي مداخلت برداشت نه ڪنداسين. افعانستان پنهنجي مسئلن کي خود حل ڪري ڇاڪاڻ ته پرامن افغانستان ئي پاڪستان لاءِ ضروري آ??ي. ??ورخم ۽ چم?? بارڊر تي بلڪل امن ۽ سڪون آهي پر ڀارتي ميڊيا طرفان غلط بياني ڪئي وئي جنهن جي ترديد ڪيون ٿا. افغانستان ۾ طالبان کي تسليم ڪرڻ يا نه ڪرڻ وز??راعظم عمران خان ۽ پرڏيهي وزارت جو فيصلو آهي.
اهڙو اظهار هن اسل??م آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. شيخ رشيد احمد چيو ته وز??راعظم عمران خان کي مبارڪباد ڏيان ٿو اڄ اسان جي حڪومت کي 3 سال پورا ٿي ويا آهن ۽ آئينده 2 سال پڻ عوام جي ڀرپور خدمت ڪنداسين. وز??راعظم عمران خان ازبڪستان ۾ اشرف غني کي سمجهائن جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي پر هو غلط فهمي جو شڪار آهي. هو هر ڪرپٽ ماڻهو ملڪ مان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. گهرو وز??ر ٻڌايو ته وزارت جي سموري عملي کي هدايت ڪئي آهي ته ڇهن هفتن اندر ويزا ڏيڻ واري عمل کي مڪمل ڪن. مگر وز??راعظم عمران خان هدايت تي اهو عمل هڪ ڏينهن ۾ مڪمل ڪيو ويو. جنهن ۾ سمورن سفارتڪارن، پرڏيهي ميڊيا کي ويزا ڏنا ويا ۽ سرڪاري موڪلن ۾ پڻ وزارت جون سموريون آفيسون کليل رهيون، جنهن ۾ آفيسر ۽ عملو ڪم ڪري رهيا آهن.
شيخ رشيد چيو ته پاڪستانين جون 3 بسون طورخم بارڊر تان گذريل ڏينهن صبح جو ڪليئر ڪيون ويون جڏهن ته ٻيا جيڪي به پاڪستاني اتي موجود آهن انهن سان افغاني خاندان آهن ۽ انهن کي به سهولتون ڏئي رهيا آهيون. هن وقت 900 سفارتڪارن ۽ عملي جي 613 پاڪستانين کي هتي کڻي آيا آهيون. جيڪو ماڻهو افعانستان مان پاڪستان ۾ داخل ٿ?? رهيو آهي ان کي رجسٽرڊ ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته اسان نه ته ڪنهن جي زمين تي پاڪستان ۾ مداخلت ٿيڻ نه ڏينداسين ۽ نه ئي اسان پنهنجي زمين تي ڪنهن ٻئي ملڪ جي مداخلت برداشت ڪنداسين.