اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 29 سيپٽمبر تي ٽانڪ ضلعي ?? 25 سيپٽمبر تي ڪوئيٽا ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن جي گهرڀاتين سان رابطو ڪيو ۽ شهيدن کي انهن جي خدمتن ۽ بهادري تي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر عارف علوي 25 سيپٽمبر تي بلوچستان هرنائي ضلعي ?? شهيد ٿيندڙ جوانن جي پونئيرن سان به ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. هن ڪيپٽن سڪندر سه??ل ۽ سپاهي محمد عرفان جي گهرڀاتين کي ٽيليفون ڪئي. صدر سپاهي ماجد فريد، سپاهي حسنين رحمت جي گهرڀاتين سان ڳالهه بولهه ڪئي. هن سپا??ي ذاڪر حسين ۽ سپاهي محمد سليم جي گهرڀاتين سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ شهيدن کي انهن جي خدمتن ۽ بهادري تي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر عارف علوي شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ سندن گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.